SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


جاسوسي ناول


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

جاسوسي ناول

(Detective Novel)

جاسوسي ناولن جو بنياد سرهيو والپول(1884-1941ع) وڌو، جاسوسي ناول وقت گذاريءَ ۽ لطف اندوز ٿيڻ لاءِ بھترين ذريعو اھن. ھنن ناولن ۾ مڪاري، فريب، قتل، گناھه، پراسراريت، خوکناڪ عمل وغيره جا موضوع ھوندا اھن. جاسوسي ناولن دنيا جي ادب ۾ تيزيءَ سان ترقي ڪئي، پنھنجي پڙھندڙن جو وڏو حلقو پيدا ڪيو. انگريزن جي دؤر (1843-1947ع)۾ سنڌي جاسوسي ناول پنھنجي عروج تي پھتل ھو، ماستر ھاسومل، ماستر منوھر، نارائڻداس وشنداس، نارائڻداس بصرمل، نانڪرام ڌرمداس، دولترام ڏيئلداس، ليکراج ايس واڌومل مولچند ۽ بعد ۾ محمد بخش جوهر ان سلسلي ۾ اھم نالا اھن. انھن ناولن ۾ گھڻو ڪري ڪردارن ۽ جاسوسن ۾ شرلاڪ ھوم ۽ بلئڪ جاسوس، ڏوھارين ۾ ارسين لوپن ۽ رائمر ڪيو ڊاڪو ۽ ايلميا ڪارٽر ڊاڪو وغيره ھئا. اردو ٻوليءَ ۾ ابن صفيءَ جي جاسوسي دنيا ۽ عمران سيريز مقبول جاسوسي ناولن تي ٻڌل هونديون هيون. ڪيتريون اخبارون ۽ رسالا قسطوار جاسوسي ناول شايع ڪندا هئا ۽ ڪجھھ ادارا بھ جاسوسي ادب جي فروغ جي سلسلي ۾ کليل ھئا. ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ادب ۾ جاسوسي ادب کي اھا اھميت ملي نھ سگھي، جيڪا اک موجود ھئي.


Remember Me Also:

گوش گذار

ذ . صفت. ڪَن ڏيئي ٻُڌندڙ ، توجه ڏيندڙ . فرياد ٻڌندڙ. دانهن اونائيندڙ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal